- Advertisement -
آمريڪا ۽ آئرلينڊ وچ ۾ برسات سبب ميچ نه ٿيڻ ڪري پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
فلوريڊا ۾ رٿيل آمريڪا ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ميچ مسلسل برسات سبب نه ٿي سگهي، جنهن ڪري ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو.
هڪ پوائنٽ ملڻ بعد آمريڪا جا 5 پوائنٽ ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڪينيڊا کي شڪست ڏني هئي.
پاڪستان ايونٽ ۾ پنهنجي پهرين ميچ ۾ آمريڪا کان سپر اوور ۾ شڪست کاڌي، جڏهن ته ڀارت کان به کٽيل ميچ هارائي ۽ رڳو ڪينيڊا کي ميچ کٽي، جنهن ڪري قومي ٽيم جا ٻه پوائنٽ آهن، آئرلينڊ کان کٽڻ جي صورت ۾ به پاڪستان جا 4 پوائنٽ ٿيندا، ان ڪري قومي ٽيم سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءَ نه ڪري سگهندي.
گروپ ايَ مان ڀارت ۽ پهريون ڀيرو ورلڊڪپ کيڏندڙ آمريڪا سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.- Advertisement -
