تازه ترين

حڪومت طرفان عوام کي عيد جو تحفو، پيٽرول 10 رپيا 20 پيسا في لٽر سستو

- Advertisement -
حڪومت عوام کي عيد جو تحفو ڏيندي پئٽرول 10 رپيا 20 پيسا ۽ ڊيزل 2 رپيا 33 پيسا في لٽر سستو ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، حڪومت پئٽرول 10 رپيا 20 پيسا ۽ ڊيزل 2 رپيا 33 پيسا في لٽر سستو ڪري ڇڏيو. حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي بعد پيٽرول جي نئين  قيمت 258 رپيا 16 پيسا ۽ ڊيزل جي نئين قيمت 267 رپيا 89 پيسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيڻ تي ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم شهبازشريف عيد جي موقعي تي هڪ ڏينهن ۾ صنعتن لاءِ بجلي سستي ڪرڻ ۽ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جا ٻه وڏا اعلان ڪيا آهن. بيان ۾ چيو ويو ته پئٽرول جي قميت ۾ 10 رپيا 20 پيسا في لٽر گهٽتائي ڪئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ 2 رپيا 33 پيسا في لٽر لاٿ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس موجب پهرين جون تي حڪومت پئٽرول جي اگهه ۾ 4 رپيا 74 پيسا ۽ ڊيزل 3 رپيا 86 پيسا في لٽر سستو ڪيو هو. بيان ۾ چيو ويو ته هيل تائين پئٽرول جي في لٽر قميت ۾ عوام کي مجموعي طور 35  رپين جو رليف ڏنو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
38 %
0.4kmh
21 %
ڇنڇر
24 °
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون