- Advertisement -
آمريڪي رياست ورجينيا ۾ هڪ افغان شهري کي داعش جي مدد جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.
اميگريشن ۽ ڪسٽم انفورسمينٽ هڪ ڏينهن اڳ ورجينيا جي وينس بورو ۾ افغان شهري جان شاهه صفي کي گرفتار ڪيو.
هوم لينڊ سيڪيورٽي موجب جوابدار افغانستان ۾ پنهنجي پيءُ کي هٿيار پهچايا، جيڪو داعش ڪمانڊر آهي.
جوابدار جان شاهه صفي، 2021 ۾ بائيڊن انتظاميا جي الائيز ويلڪم پروگرام تحت آمريڪا پهتو.
هوم لينڊ سيڪيورٽي موجب، صفي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ عارضي طور تي محفوظ حيثيت لاءِ درخواست ڏني هئي، جيڪا بعد ۾ رد ڪئي وئي.
هوم لينڊ سيڪيورٽي سيڪريٽري ڪرسٽين نوم اڳوڻي انتظاميا جي پاليسين تي تنقيد ڪندي چيو ته بائيڊن انتظاميا ماڻهن کي مناسب جانچ کان سواءِ آمريڪا اچڻ جي اجازت ڏني.- Advertisement -
