- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ 3 ڏينهن جي جنگبندي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 9، 10 ۽ 11 مئي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ عارضي سيز فائر لاڳو رهندو.
صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي هڪ بيان ۾ چيو ته روس فتح جو ڏينهن ملهائي رهيو آهي، جڏهن ته يوڪرين پڻ ٻي عالمي جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو انهي حوالي سان هي جنگ بندي عمل ۾ آندي پئي وڃي.
هن چيو ته هن جنگ بندي دوران، هر قسم جي فوجي ڪارروائي معطل ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻئي ملڪ هڪ هڪ هزار قيدين کي مٽا سٽا ڪندا.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هن اها درخواست سڌي طرح ڪئي، جنهن تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي اتفاق ڪيو.
آمريڪي صدر اميد ظاهر ڪئي ته اها اڳڀرائي هڪ ڊگهي، خوني ۽ مشڪل جنگ جي خاتمي جي شروعات هوندي.
ان کان اڳ امريڪي صدر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته کيس اميد آهي ته ايران جلد جنگبندي تجويزن جو جواب ڏيندو.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايران جنگ بندي بابت سندن تجويزن جو جلد جواب ملڻ جو امڪان آهي.
ٽرمپ اها ڌمڪي به ڏني ته جيڪڏهن شيون اڳتي نه وڌيون ته هو پروجيڪٽ فريڊم ڏانهن واپس وڃي سگهي ٿو، پروجيڪٽ فريڊم جي مختصر مدت جي آپريشن کي ٻيهر شروع ڪري سگهي ٿو، پروجيڪٽ فريڊم سٺو آهي، پر ان کي ڪرڻ جا ٻيا طريقا به آهن…..- Advertisement -
