- Advertisement -
ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ايران جي پاليسي گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل دوستاڻي لاڳاپن کي وڌائڻ آهي، ظلم خلاف جدوجهد ايران ڌرتي جي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي.
هڪ بيان ۾ ايراني صدر چيو ته نو آبادياتي سوچ ۽ استحصال جي پاليسي جي دنيا ۾ ڪا جاءِ ناهي.
صدر مسعود پزشڪيان چيو ته جهڙي طرح ايران جي ماڻهن جي ثقافت ۾ رواداري جون پاڙون جڙيل آهي، اهڙي طرح ان سرزمين جي تاريخ ۾ ڏاڍ خلاف جدوجهد چمڪندي آهي.
ايراني صدر وڌيڪ چيو ته اها سڃاڻپ ايران جي نالي جي سربلندي تائين جاري رهندي، ظلم خلاف جدوجهد ايران ڌرتي جي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي……..- Advertisement -
