- Advertisement -
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته آمريڪي ٺهراءُ پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت آهي جيڪا قبول ناهي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي، آمريڪي ڪانگريس ۾ ٺهراءَ پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت آهي جيڪو قبول ناهي.
هن چيو ته بدقسمتي سان آمريڪي ڪانگريس زميني حقيقتن کي ڄاڻڻ کانسواءِ ٺهراءُ منظور ڪيو، آمريڪا سان سندن بهترين لاڳاپا آهن.
سندس چوڻ هو ته هڪ ٻئي جي اندرونهي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ جي پاليسي تي عمل ڪيو وڃي ته لاڳاپا بهتر رهندا آهن.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته آمريڪي ڪانگريس کي پاڪ آمريڪا لاڳاپن لاءِ جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته آمريڪي ڪانگريس جو ٺهراءُ پاڪستان جي گهرو معاملن ۾ غير ضروري مداخلت آهي، پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ هڪ ٻئي جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي بنياد تي قائم رکڻ چاهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان غزا مان اسرائيلي فورسزجي واپسي جو مطالبو ڪري ٿو، فلسطين تي گڏيل قومن جي انڪوائري رپورٽ ۾ هٿين خالي فلسطينينجي قتل بابت حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيا ويا آهن.- Advertisement -
