تازه ترين

صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

- Advertisement -
سکر جي عدالت صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪندي ڪيس هلائڻ لاءِ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ٻڌڻي 12 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جج عبدالرحمان قاضي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران فريادي ڪرم الله مهر، آصف مهر، وڪيل سهيل احمد کوسو، عبدالقدير کوسو، پراسيڪيوٽر، جوابدار ڌر جا وڪيل ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. جوابدار بخشل عرف بخشو مهر، بابر مهر، بشير مهر، منور مهر، شيرو شيخ ۽ رمضان شيخ به عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته جوابدار ڌر ڪيس جلدي هلائڻ لاءِ درخواست ڏني آهي پر وڪيل گذريل ٻڌڻي تي به پيش نه ٿيا هئا. عدالت ڪيس هلائڻ لاءِ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 12 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار شيرو ۽ رمضان شيخ جي ضمانت بابت درخواست به رد ڪري ڇڏي. ڪيس ۾ نامزد 3 جوابدار بشير مهر، شيرو شيخ ۽ رمضان شيخ جيل ۾ قيد آهن جڏهن ته بخشل مهر، بابر مهر ۽ منور مهر ضمانت تي آزاد آهن. ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار شيرو مهر، گلزار مهر، روشن مهر، جمن مهر، قربان مهر، نصير مهر ۽ محسن مهر روپوش آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
2.5kmh
11 %
سُومر
30 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون