- Advertisement -
قومي اسيمبليءَ مالي سال 25-2024ع لاءِ 18 هزار 887 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتي.
قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب فنانس بل ۾ ترميمون ايوان ۾ پيش ڪيون، پئٽروليم شين تي لاڳو ليوي ۾ اضافي جي ترميم به ايوان پيش ڪئي وئي.
حڪومت مالي سال 2025ع جي وفاقي بجيٽ ۾ پئٽروليم ليوي جي موجوده 60 رپيا في لٽر مان وڌائي 80 رپيا في لٽر ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اها ليوي وقفي وقفي سان 20 رپيا في لٽر ليوي لاڳو ڪندي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته وفاقي حڪومت جو ٽيڪس روينيو ٽارگيٽ 12 هزار 970 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، نان ٽيڪس روينيو جو حدف 4 هزار 845 ارب رپيا، سڌيءَ ريت ٽيڪس وصولين جو حدف 5 هزار 512 ارب رپيا ۽ انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 5 هزار 454 ارب 6 ڪروڙ رپيا حدف مقرر آهي، جڏهن ته گراس روينيو جو حدف 17 هزار 815 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته سڪوڪ بانڊ، پي آءِ بي ۽ ٽي بلز مان 5 هزار 142 ارب رپيا وصولي جو حدف مقرر ڪيو آهي، هلندڙ خرچن جو حدف 17 هزار 203 ارب رپيا، وياج جي ادائيگي تي 7 هزار 775 ارب رپيا خرچ ٿيندي.
ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ايندڙ سال بجيٽ خسارو 8 هزار 500 ارب رپيا رهڻ ۽ هلندڙ مالي سال جو خسارو 8 هزار 388 ارب رپيا آهي، مجموعي طور بجيٽ خسارو 7 هزار 283 ارب رپيا رهڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.- Advertisement -
