پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اتحادي چونڊن کان ڊڄي ڀڄي رهيا آهن، پ پ لاش کڻي چونڊ وڙهڻ جي عادي آهي، پ پ جي ڪردار ڪشي جي مهم ٽن سالن کان هلائي پئي وڃي، پ پ پنهنجي منشور ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي چونڊن ۾ حصو وٺندي.
حيدرآباد ۾ فلٽر پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پنهنجي شهر حيدرآباد اچڻ تي کيس خوشي محسوس ٿي رهي آهي، جڏهن به ضرورت پئي ته حيدرآباد مايوس نه ڪيو، ذوالفقار ڀٽو جا هٿ به هتان جي عوام مضبوط ڪيا، جنهن ڪري پاڪستان جي قسمت تبديل ٿي، جڏهن محترمه ڏکيائن جو شڪار هئي ته حيدرآباد واسين سندس ساٿ ڏنو، هتان جي عوام بينظير جو ساٿ ڏئي دنيا کي ڏيکاريو ته هڪ نه پر ٻه ڀيرا عورت کي وزيراعظم بڻايو آهي.
هن چيو ته پيپلزپارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي پنهنجي اسپتال آهي، چيلهه جي تڪليف ٿئي ته هو ٻاهر ويندو آهي ۽ تنقيد ٻين تي ڪري ٿو، شرجيل ميمڻ کي هارٽ اٽيڪ ٿيو ته هن اين آءِ سي وي ڊي مان علاج ڪرايو، الله موقعو ڏنو ته هر شهر ۾ اين آءِ سي وي ڊي ٺاهي ويندي، ممي ڊيڊي وارا ڪارڪن فارغ آهن جيالا ڪم ڪندا رهن.
سندس چوڻ هو ته جناح هائوس تي حملو ڪندڙن کي پيغام آهي ته جيالا اوهان کان ڊڄن نٿا، ملير جيان پي ٽي آءِ چيئرمين جي سڄي ملڪ ۾ ضمانت ضبط ڪرائي ويندي، گڏڙي ۽ سياسي يتيم سياستدانن جو خاتمو ڪيو ويندو، ايم ڪيو ايم وارا ڊڄي ويا، پنهنجو ميئر ته ڇا به ٻه ٽائون به بچائي نه سگهيا، ڊڄڻ ۽ پوئتي هٽن پ پ جي سکيا ۾ شامل ناهي.
پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن سندن اتحادي اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن ته انهن کي ڀڄڻ ڏيو، عوامي طاقت سان پي ٽي آءِ ۽ سليڪٽيڊ کي شڪست ڏني ويندي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا امير طبقي جي نمائندگي ڪندڙ اميرن کي ئي سهولتون ڏيندا آهن، هاڻي سڀني کي خبر پئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪ دشمن هو، ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي پنهنجي منشور ۽ ڪاميابي تي وڙهندي.
سندس چوڻ هو ته ملڪي معيشيت جي بهتري لاءِ غريبن جي کيسي ۾ پئسو وجهڻو پوندو، سنڌ جي برسات متاثرن کي پنهنجا گهر ڏنا ويا آهن.
پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ سرڪار کي پابند ڪيو آهي ته بسن جو ڀاڙو 50 رپين کان وڌيڪ مقرر نه ڪيو وڃي، حيدرآباد وانگر ملڪ جي ٻين شهرن کي به پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو ويندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کيس پاڪستان جي عوام تي اعتماد آهي، هو ايس پي، ڊي سي، وزيرن جي بنياد تي نه پر عوام جي طاقت جي بنياد تي مقابلو ڪندو