- Advertisement -
گڏيل قومن جي اداري يونيسيف چيو آهي ته اتر غزه جي جباليا پناهگير ڪئمپ ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران 50 کان وڌيڪ ٻارڙا شهيد ٿي ويا آهن.
فلسطيني اختيارين موجب آڪٽوبر 2023ع کان وٺي غزه تي اسرائيل جي حملن ۾ 16 هزار 700 کان وڌيڪ ٻارڙا شهيد ٿي چڪا آهن، جيڪو ڪل 43 هزار 341 شهيدن جو ٽيون حصو آهي.
اهلڪارن جو چوڻ آهي ته غزه جي 20 هزار زخمي ٻارن ۾ انهن جو انگ شامل ناهي جيڪو جنگ ۾ لاپتا يا غير محفوظ حالت ۾ آهن.
عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج غزه جي اتر ۾ هڪ مهيني کان جاري محاصري دوران هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي شهيد ڪري ڪيو ويو.
ان دوران، اسرائيل کاڌي ۽ طبي امداد جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي ۽ صحت جي سهولتن کي مفلوج ڪري ڇڏيو.
ڪمال عدوان اسپتال جي ڊاڪٽر حسام ابو صفيه جو چوڻ آهي ته اسپتال متاثرن سان ڀريل آهي.
هن عالمي برادري ۽ صحت جي تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته ٻارڻ، طبي سامان ۽ خاص طبي عملو انساني بنيادن تي فراهم ڪن.- Advertisement -
