تازه ترين

اتر غزه جي جباليا پناهگير ڪئمپ ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران 50 کان وڌيڪ ٻارڙا شهيد

- Advertisement -
گڏيل قومن جي اداري يونيسيف چيو آهي ته اتر غزه جي جباليا پناهگير ڪئمپ ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران 50 کان وڌيڪ ٻارڙا شهيد ٿي ويا آهن. فلسطيني اختيارين موجب آڪٽوبر 2023ع کان وٺي غزه تي اسرائيل جي حملن ۾ 16 هزار 700 کان وڌيڪ ٻارڙا شهيد ٿي چڪا آهن، جيڪو ڪل 43 هزار 341 شهيدن جو ٽيون حصو آهي. اهلڪارن جو چوڻ آهي ته غزه جي 20 هزار زخمي ٻارن ۾ انهن جو انگ شامل ناهي جيڪو جنگ ۾ لاپتا يا غير محفوظ حالت ۾ آهن. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج غزه جي اتر ۾ هڪ مهيني کان جاري محاصري دوران هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي شهيد ڪري ڪيو ويو. ان دوران، اسرائيل کاڌي ۽ طبي امداد جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي ۽ صحت جي سهولتن کي مفلوج ڪري ڇڏيو. ڪمال عدوان اسپتال جي ڊاڪٽر حسام ابو صفيه جو چوڻ آهي ته اسپتال متاثرن سان ڀريل آهي. هن عالمي برادري ۽ صحت جي تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته ٻارڻ، طبي سامان ۽ خاص طبي عملو انساني بنيادن تي فراهم ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
6 %
6.5kmh
0 %
سُومر
29 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون