اتر وزيرستان مان گئس جا نوان ذخيرا هٿ آيا آهن .
ماڙي پئٽروليم ملڪ ۾ نئين گئس هٿ اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو .
ماڙي پئٽروليم جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته اتر وزيرستان مان گئس ذخيرا هٿ آيا آهن جن مان شروع ۾ روزانو 6 لک مڪعب فٽ گئس حاصل ٿيندي .
پڌرائي ۾ چيو ويو ته گئس حاصل ڪرڻ لاءِ کوهن جي کوٽائي ٻه جون 2023 کان شروع ڪئي وئي هئي، کوهن جي 4 هزار 577 ميٽر تائين کوٽائي ڪئي وئي .
ماڙي پئٽروليم پنهنجي پڌرائي ۾ ٻڌايو ته نئين هٿ آيل گئس سان ملڪي گئس ذخيرن ۾ بهتري ايندي ….