تازه ترين

اتر وزيرستان ۾ سيڪورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ پاڪ فوج جو ڪيپٽن شهيد

اتر وزيرستان ۾ سيڪورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ پاڪ فوج جو ڪيپٽن شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اتر وزيرستان  ۾پاڪ فوج دهشتگرديءَ جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ دوران دهشتگردن سان وڙهندي  پنهنجي دستي جي قيادت ڪندڙ 24 ورهين جي ڪيپٽن محمد اسامه بن ارشد شهادت ماڻي.

ترجمان موجب شهيد ڪيپٽن جو تعلق راولپنڊي سان هو.

آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
55 %
0.6kmh
20 %
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون