اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪاررواين دوران 6 جوان شهيد ۽ 12 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪاررواين دوران 6 جوان شهيد ۽ 12 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن چڪريون ٿيون، جنهن دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ افغان بارڊر اسپن وام ۾ دهشتگردن جي چرپر ڏٺي وئي، سڪيورٽي فورسز حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ستن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران هٿيار، ڌماڪيدار مادو ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب، ڏکڻ وزيرستان جي علائقي لڌا ۾ دهشتگردن سڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي حملو ڪيو، فورسز جي ڪارروائي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 جوان به شهيد ٿي ويا، علائقي ۾ امڪاني طور دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز هر قيمت تي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
26%
5.4m/s
4%
سُومر
23 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون