پ پ سنڌ جي صدر ۽ پي ايَ سي چيئرمين نثار احمد کهڙي چيو آهي ته ارسا 91ع واري پاڻي ٺاهه تحت سنڌ کي پاڻي فراهم نه پئي ڪري، پاڻي معاهدي تي کين اعتراض آهي، هيل تائين کين خاطري ناهي ڪرائي وئي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڪيترو پاڻي ڇڏيو ويندو.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جو مسئلو سوين ورهين کان آهي، پاڻي معاملي تي سنڌ اسيمبليءَ ۾بحث ٿيندو.
هن چيو ته سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائل جي انڪوائري ڪرائڻ لاءِ چيو آهي، پوليس ۾ جعلي ڀرتين وارو ڪيس اينٽي ڪرپشن ۾ هلي رهيو آهي.
نثار احمد کهڙي چيو ته ورڪنگ بيس ته 21-2020ع جو هو، ڪافي پيراز ويريفائڊ به ٿي چڪيون هيون، جن کي هنن سيٽل ڪيو.
پي ايَ سي چيئرمين چيو ته جيڪو به جعلي ڀرتين جو ذميوار هوندو، ان جي سزائن جو انتظار رهندو.