اسحاق ڊار جي ڊپٽي وزيراعظم طور مقرري صلاح مشوري سان ٿي آهي؛ نذير تارڙ

- Advertisement -
قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اسحاق ڊار جي ڊپٽي وزيراعظم طور مقرري صلاح مشوري سان ٿي آهي، پارٽيءَ ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، ڏهن کان وڌيڪ ملڪن ۾ پرڏيهي وزيرن وٽ ڊپٽي وزيراعظم جو عهدو موجود آهي، نائب وزيراعظم وٽ اختيار ۽ طاقت وزيراعظم وارا ناهن هوندا، اسحاق ڊار نائب وزيراعظم طور ڪا پگهار يا الائونس نه وٺندو. اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم بڻائڻ بابت ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته پارٽيءَ ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، اسحاق ڊار جي ڊپٽي وزيراعظم طور مقرري صلاح مشوري سان ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته مختلف وقتن ۾ ملڪ ۾ نائب وزيراعظم مقرر ڪيا ويا، اڄ به دنيا جي ڏهن کان وڌيڪ ملڪن ۾ پرڏيهي وزيرن وٽ ڊپٽي وزيراعظم جو عهدو موجود آهي. قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته نائب وزيراعظم وٽ اختيار ۽ طاقت وزيراعظم وارا ناهن هوندا، اسحاق ڊار نائب وزيراعظم طور ڪا پگهار يا الائونس نه وٺندو، پرڏيهي وزير پرڏيهي ملڪن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندا آهن اهو رواج رهيو آهي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
30%
2.4m/s
0%
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون