اسرائيلي فوج جا جنگبندي معاهدي باوجود لبنان ۾ حملا جاري آهن، جنهن ۾ وڌيڪ 78 لبناني شهري شهيد ٿي ويا.
لبنان جي فوج اسرائيلي فوج تي جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو الزام مڙهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج مبينا طور تي ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن تي ڪيترائي حملا ڪيا، جنهن م 70 کان وڌيڪ لبناني شهري شهيد ۽ 266 ماڻهو زخمي ٿي پيا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيل طرفان جاري حملن ۾ لبنان ۾گڏيل طور تي شهيدن جو انگ 4 هزار جي ويجهو پهچي ويو.
ٻئي طرف اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ رات جي وقت ڪرفيو لڳائي ڇڏي آهي.