تازه ترين

سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن کي قبضي جو حق ناهي:مولانا فضل الرحمان

- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن کي قبضي جو حق ناهي، جي يو آءِ صوبن جي حقن جي علمبردار آهي، عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪري جي يو آءِ سان زيادتي ڪئي وئي، هو صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ جدوجهد جاري رکندا. سکر ۾ ڪوٺايل ٿيل جلسي کي سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان موجوده حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي تي سخت تنقيد ڪئي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي حڪمرانن پنهنجي خراب پاليسين ۽ غير ذميوار حڪمراني ذريعي حالتون خراب ڪيون آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته اهي ماڻهو ملڪ کي خوشحال بڻائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، موجوده حڪمران طبقو پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته صوبي کي پنهنجي وسيلن تي مڪمل اختيار هجڻ گهرجي، سنڌ جي وسيلن تي صرف سنڌ جي عوام ۽ انهن جي ٻارن جو حق آهي ۽ ڪنهن کي به انهن تي جبري قبضو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. مولانا فضل الرحمان بلوچستان، خيبرپختونخوا، ۽ پنجاب جي وسيلن تي به انهن علائقن جي عوام جو حق تسليم ڪرڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته عام چونڊن ۾ڌانڌلي ٿي اهي انهن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل اسيمبلين عوام  جي  نمائندگي ڪندڙ ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
10 %
6.3kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون