تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسرائيلي فوج غزه تي حملن ۾ تيزي آڻي ڇڏي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 14 معصوم ٻارن سميت هڪ سئو فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فوج غزه تي حملن ۾ تيزي آڻي ڇڏي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 14 معصوم ٻارن سميت هڪ سئو فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. غزه جي صحت واري وزازرت جو چوڻ آهي ته يهودي فوج شاطي پناهگير ڪيمپ تي بمباري ڪئي آهي جڏهن ته دير البلاح ۽ رفح تي پڻ حملا ڪيا آهن، غزه جي صحت واري وزارت موجب 7 آڪٽوبر کان اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 29 هزار 600 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته زخمين جو تعداد 69 هزاسر 737 تائين پهچي ويو، شهيدن ۽ زخمين ۾ اڌ کان وڌيڪ انگ صرف ٻارن ۽ عورتن جو آهي. هوڏانهن حماس جا اسرائيلي فوج تي جوابي حملا جاري آهن، حماس اسرائيلي فوج جي ٽينڪ تباهه ڪري جنهن جي نتيجي ۾ 2 فوجي مارجي ويا، 3 زخمي ٿيا آهن. ٻئي پاسي يرغمالين جي آزادي  بابت ڳالهين جي حوالي سان اسرائيلي ميڊيا دعوى ڪندي چيو آهي ته پيرس ڻ جاري ڳالهه ٻولهه ۾ 40 يرغمالين جي آزادي جي بدلي ۾ غزه جنگ ۾ 6 هفتن جي وقفي ۽ ڪيترن ئي فلسطيني قيدين جي آزادي جو معاهدو ٿيڻ جو امڪان آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب، امريڪا رمضان کان غزه بابت معاهدو ڪرائڻ چاهي ٿو. اسرائيلي ميڊيا موجب، پيرس ۾ امريڪا، اسرائيل مصر ۽ قطر جي نمائندن جي ملاقات ٿي ، پيرس ڳالهين ۾ يرغمالين جي آزادي بابت اڳڀرائي سامهون آئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، اسرائيلي وفد ڳالهين جا تفصيل اسرايئيلي جنگي ڪابينا ۾ پيش ڪندو.   هوڏانهن امريڪا، اسرائيل مصر ۽ قطر جي نمائندن جي پيرس ۾ ملاقات ٿي آهي، ملاقات ٿي آهي جنهن دوران جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي بابت ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ يرغمالين جي بدلي ۾ ڇهن مهينن جي جنگ بندي جو امڪان آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
48 %
1.7kmh
62 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون