- Advertisement -
اسرائيلي فوج غزه ۽ لبنان ۾ جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي 7 ڄڻا شهيد ۽ 4 عمارتون تباهه ڪري ڇڏيون.
اسرائيلي فوج رفح سميت مختلف رهائشي علائقن ۾ آپريشن ڪندي آبادي کي نشانو بڻايو ۽ هڪ ڏينهن ۾ 7 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ اسرائيلي فوج رفح تي حملي دوران حماس جي هڪ ڪمانڊر کي مارڻ جو دعويٰ ڪئي آهي.
فلسطيني صحت واري وزارت موجب اسرائيلي فوج جنگ بندي جي معاهدي کان وٺي 360 فلسطينين کي شهيد ڪيو آهي، جڏهن ته 900 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
هوڏانهن لبنان ۾ پڻ اسرائيل طرفان جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، اسرائيلي جهازن ڏکڻ لبنان ۾ بمباري ڪئي ۽ 4 رهائشي عمارتن کي تباهه ڪيو.
اسرائيلي فوج حملن ۾ حزب الله جي هٿيارن جي گودامن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي….
- Advertisement -
