اسرائيلي فورسز جي غزه ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بمباري ۽ فائرنگ جو سلسلو جاري،  گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 66 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فورسز جي غزه ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بمباري ۽ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي،  گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 66 فلسطيني شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج جي صابره محلي ۾ بمباري سبب ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا جڏهن ته ، المواسي پناهگير ڪيمپ تي حملن ۾ ٻار سميت 3 ڄڻن شهادت جو جام پيتو. عرب ميڊيا موجب، غزه جي ڏاکڻي شهرن ۾ اسرائيلي ٽينڪن جي اڳرائي جاري آهي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 66 فلسطيني شهيد ۽ 241 زخمي ٿيا آهن. 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 39 هزار 324 ٿي ويو جڏهن ته 90 هزار830 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي ، اٽلي ۾ غزه جنگ بندي معاهدي تي ڳالهيون جاري آهي، اجلاس ۾ اسرائيلي، امريڪي، مصري ايجنسين جا سربراهه ۽ قطري وزيراعظم شريڪ آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، پرڏيهي ميڊيا موجب، ڌرين اسرائيل جي تجويز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هوڏانهن ترڪ صدر فلسطينين جي حمايت ۾ اسرائيل تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. ترڪيه جي صدر طيب اروان جو چوڻ آهي ته کين مضبوط ٿيڻ گھرجي ته جيئن اسرائيل فلسطينين تي ظلم نه ڪري سگھي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
27%
1.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون