- Advertisement -
اسرائيل جنگبندي معاهدي جي سنگين ڀڃڪڙين ڪندي 98 فلسطيني شهيد ڪري جنگبنديءَ ٻيهر عمل شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
قطري نشرياتي اداري موجب جنگبندي معاهدو لاڳو ٿيڻ بعد اسرائيل هيل تائين عزا ۾ 98 فلسطينين جي شهيد ڪري چڪو آهي، جڏهن ته 230 زخمي ٿيا آهن.
اسرائيلي فوج غزا ۾ سرنگهن سميت حماس جي درجين حدفن تي 120 راڪيٽ حملا ڪيا،يهودي فوج حماس جو بهانو بڻائي غزا ۾ شهري آبادي کي به نشانو بڻايو.
قابض فوج طرفان خان يونس جي اتر اولهندي علائقي ۾ بي گهر ماڻهن جي تنبن ۽ نصيرا ڪيمپ تي بمباري ڪئي وئي.
جنگبندي باوجود اسرائيلي فوج ڪالهه صبح کان هيل تائين 45 فلسطينين کي شهيد ڪيو آهن.
اسرائيلي فوج موجب اهي حملا حماس طرفان سندن اهلڪارن تي حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا آهن، پر انهن الزامن کي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته اسرائيل جنگ ٻيهر شروع ڪرڻ جا بهانا ڳولي رهيو آهي……………..- Advertisement -
