- Advertisement -
ايران جي نگران پرڏيهي وزير علي باقري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ٽيليفون رابطي ۾ واضع ڪيو ته اسرائيل کان پلاند وٺڻ جي حق تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کڻندو.
هن چيو ته حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه کي شهيد ڪري ايران جي قومي سلامتي تي حملو ڪيو ويو ۽ علائقائي استحڪام جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.
ايراني پرڏيهي وزير چيو ته اسرائيل علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام کي خطرو ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
علي باقري چيو ته ان معاملي ۾ ايران پنهنجي دفاع واري حق کان پوئتي نه هٽندو ۽ ڏوهارين يهودين کي مناسب سزا ڏني ويندي.
ايراني پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري امن ۽ استحڪام لاءِ اسرائيل جي خلاف بيهي ۽ غزه ۾ ظلم بند ڪرڻ لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهي.- Advertisement -
