تازه ترين

دشمن فوجي محاذ تي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي:ايراني صدر

- Advertisement -
ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته دشمن فوجي محاذ تي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ايران جي معاشي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ايراني صدر مسعود پزشڪيان تهران چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو ته موجوده حالتن ۾ ايران لاءِ سڀ کان وڏو محاذ اقتصادي جنگ آهي. هن چيو ته خانگي شعبي جو ڪردار ملڪ جي معاشي مضبوطي ۾ نهايت اهميت رکي ٿو، مخالف طاقتون ايران جي عوام جي روزگار ۽ روزاني زندگي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته خانگي شعبو جيترو فعال ۽ مضبوط هوندو اوترو ئي ملڪي معاشي بنياد مضبوط ٿيندو ۽ پرڏيهي دٻاءَ ۽ خطرن جو مضبوط نموني مقابلو ڪري سگهبو. ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو ته دشمن فوجي ميدان ۾ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ سندس ڌيان ايران جي معيشيت کي نقصان پهچائڻ طرف منتقل ٿي ويو آهي………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.6 ° C
32.6 °
32.6 °
7 %
10kmh
0 %
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون