پي ٽي آءِ کي 24 نومبر تي احتجاج جي اجازت نه ڏيڻ جو حڪم

spot_img
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي 24 نومبر جي احتجاج خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي انتطاميا کي احتجاج جي اجازت نه ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي 24 نومبر تي احتجاج خلاف واپارين جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌايو. لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو ته 24 نومبر تي بيلا روس جو صدر ايندو، حڪومت جو احتجاج بابت ٺاهيل قانون واضح آهي، اسلام آباد ۾ ڪنهن به احتجاج يا ڌرڻي جي اجازت نه ڏني ويندي. عدالت جي لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ احتجاج لاءِ ڊپٽي ڪمشنر کي 7 ڏينهن اڳ درخواست ڏي، اجازت ملڻ تي احتجاج ڪري سگهجي ٿو، گهرو وزير اهو پيغام پي ٽي آءِ جي اڳواڻن تائين پهچائي. فيصلو ۾ چيو ويو ته امن قائم رکڻ لاءِ انتظاميا قانون موجب سمورا قدم کڻي، انتظاميا جي ذميواري آهي ته قانون جي خلاف ورزي نه ٿيڻ ڏني وڃي، يقيني بڻايو وڃي ته شهرين جي ڪاروبار ۾ ڪا به رنڊڪ نه پوي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته پبلڪ آرڊر  2024ع ڌرڻي، احتجاج، ريلي وغيره جي اجازت لاءِ قانون آهي، اسلام آباد انتظاميا لاڳاپيل قانون جي خلاف ڌرڻي، احتجاج يا ريلي جي اجازت نه ڏي. عدالت گهرو سيڪريٽري کي گهرو وزير يا ڪنهن لاڳاپيل شخص جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو، عدالت چيو ته چيف ڪمشنر اسلام آباد کي به ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي. عدالت ڪاميٽي کي پي ٽي آءِ جي قيادت سان به رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.8 ° C
9.8 °
9.8 °
27%
1.8m/s
0%
اربع
10 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون