پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سعودي عرب کي سياسي مفادن لاءِ نشانو بڻائڻ افسوس جوڳو آهي.
بشريٰ بي بي جي سعودي عرب بابت بيان تي ردعمل ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته بشريٰ بي بي جو بيان مايوس ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو، سياسي قوتون پنهنجن مقصدن لاءِ پرڏيهي پاليسي تي سوديبازي ڪرڻ کان پاسو ڪن.
پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ڀائر ملڪ آهن، بنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، کين سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي جي سفر تي فخر آهي، سعودي عرب هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته هاڻ اسٽوري فلوٽ ڪئي ويئي، باجوه ڪنهن سان ڳالهه ڪئي، ان ڪنهن ٻئي کي ڳالهه ٻڌائي، سياسي فائدي لاءِ ڪيتري حد تائين وڃي سگهو ٿا، هاڻ شريعت ڪارڊ جو استعمال شرع ڪري ڇڏيو.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته هنن کان گهڙي وڃي وڪرو ڪري سگهو ٿا ۽ ڪروڙن جو نفعو ٺاهي سگهو ٿا.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بي بي جي سعودي عرب بابت بيان جي مذمت ڪئي آهي.
پنهنجي بيان ۾ عطا تارڙ چيو ته بشريٰ بي بي جنهن ملڪ تي الزام مڙهيو، اُتي پنهنجي ڌيءُ جي شادي ڪئي.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته انهيءَ ملڪ هنن کي تحفا ڏنا، جن کي بشريٰ بي بي بليڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو، بشريٰ بي بي انتهائي غليظ الزام مڙهيو آهي.
سعودي عرب کي سياسي مفادن لاءِ نشانو بڻائڻ افسوس جوڳو آهي : اسحاق ڊار
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.8
°
C
9.8
°
9.8
°
27%
1.8m/s
0%
اربع
10
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


