اسلام آباد هائيڪورٽ، توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
اسلام آباد هائيڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي توشا خانا ڪيس ۾ سزا معطلي جي درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو اڄ ٻڌايو ويو.
عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين جي توشا خانا ڪيس ۾ سزا معطلي واري درخواست منظور ڪري ورتي.
اسلام آباد هائيڪورٽ، پي ٽي آءِ چيئرمين کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي هڪ لک رپين جي ضمانتي ڪاغذ به جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
اسلام آباد هائيڪورٽ طرفان اٺن صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو به جاري ڪيو ويو آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو ته توشا خانا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٽي سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا معطل ڪئي وڃي ٿي.
لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو ته ٽرائل ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ تحت اليڪشن ڪميشن جي شڪايت تي سزا جو فيصلو ٻڌايو.
فيصلي ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته ضروري ناهي ته هر ڪيس ۾ سزا معطل ٿئي ۽ ضمانت ڏيڻ يا انڪار ڪرڻ جو صوابديد هائيڪورٽ جو آهي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته توشا خانا ڪيس ۾ ٻڌايل سزا گهٽ مدي جي آهي، عدالت سمجهي ٿي ته درخواست ڏيندڙ سزا معطلي ۽ ضمانت تي آزاديءَ جو حقدار آهي.
درخواست ڏيندڙ کي هڪ لک رپين جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ تي آزاد ڪيو وڃي.
لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي موجب عدالتي اختيار جي دائري ۽ غور طلب معاملن کي سزا معطلي واري درخواست ۾ طئه نه پيو ڪيو وڃي.
فيصلي ۾ چيو ويو ته ڌرين طرفان معاملن تي تفصيلي دليل ڏنا ويا
لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف جي سزا معطلي ۽ قائم علي شاهه ڪيس جي فيصلي جو به حوالو ڏنو ويو