عوامي تحريڪ ۽ ايس ايس ٽي جي اڳواڻن چيو آھي تھ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 19 اي تحت سنڌ جو عوام سرڪاري عملدارن کان سوال پڇڻ جو حق رکي ٿو، عوام پڇي ٿو ته ايس ايس پي امجد شيخ مکي جڳديش، منير نائچ ۽ نينگر جئه ديپ کي ڪهڙن ڌاڙيلن کان آزاد ڪرايو؟، جڏهن ته اطلاع آهن ته اهي مغوي پوليس وارثن کان ڀنگ وٺي ڌاڙيلن وٽان آزاد ڪرايا، مغوين کي آزاد ڪرائڻ وقت مقابلي دوران ڪيترا ڌاڙيل ماريا يا گرفتار ڪيا ويا؟، پوليس جي گاڏي ۾ مغوي رات جو سردار جي اوطاق تي ڪنھن ۽ ڪيئن پهچايا؟.
مقصودي رند ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ايس ايس ٽي جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، علي محمد وڪو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ مغوين کي ته ظاهر ڪيو ويو آهي پر مغوي جن ڌاڙيلن وٽ هئا انھن ڌاڙيلن ۽ سندن سرپرستن کي پڌرو ڇو نه ڪيو ويو آهي؟.
هنن الزام ھڻندي چيو ته سردارن ۽ پوليس جي رٿابندي سان ڌاڙيل راڄ هڪ منافعي وارو ڪاروبار بڻجي چڪو آهي، سردار ۽ پوليس پھريان ماڻھو اغوا ڪرائن ٿا، پوءِ مددگاري وارو ڪردار ادا ڪري مغوين جي مائٽن کان ڪروڙين رپيا وٺي سردار، پوليس ۽ ڌاڙيل پاڻ ۾ حصا پتيون ڪري کڻن ٿا.
اڳواڻن چيو تھ مھينن کان باندي بڻايل مغوي سخت عوامي احتجاج جي رد عمل بعد پوليس ۽ سردارن جي تحويل مان بازيابي ثابت ڪري ٿي ته مغوي ھنن وٽ يرغمال ھئا يا ھنن جي ويجھن ماڻھن ۽ ڌاڙيلن وٽ يرغمال ھئا قانون جي گھرج آھي ته پھريان ايف آءِ آر ھنن مٿان داخل ٿيڻ گھرجي ۽ اڻڌري عدالتي جاچ ڪميشن ويھاري مغوين جا بيان رڪارڊ ڪري سڀني ملوث جوابدارن کي جاچ ۾ شامل ڪجي ۽ سزائون ڏنيون وڃن.
سندن چوڻ ھو تھ سنڌ ۾ ماڻھن کان جيئڻ جو آئيني حق کسيو ويو آهي، صوبي ۾ بنيادي انساني حقن جي سرعام لتاڙ ٿي رهي آهي، سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ ٿيندڙ هن ظلم جو نوٽيس وٺي.
اڳواڻن چيو تھ ايس ايس پي امجد شيخ کي فوري معطل ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ ۽ آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي امجد شيخ کي طلب ڪري پڇاڻو ڪن ته هن مغوين کي ڪيئن بازياب ڪرايو؟، پوليس ملڪي آئين ۽ قانون کان مٿانهون قدم کڻندي مغوين کي سردار جي اوطاق تي ڇو وٺي وئي؟.
ھنن مطالبو ڪندي چيو تھ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين ججن جي جاچ ڪميشن جوڙي سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ ۽ ايس ايس پي امجد شيخ طرفان آئين جي ڀڃڪڙي جي انتهائي شرمناڪ قدمن جي جاچ ڪري سندس خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
اڳواڻن چيو تھ ڌاڙيلن خلاف فيصلائتو آپريشن ڪرائي سنڌ جي عوام کي سک سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، انساني حقن جي عالمي پڌرائي تي پاڪستان جون صحيحون ٿيل آهن انڪري جيئڻ جو حق سنڌ جي عوام جو بنيادي انساني حق آهي.
ھنن چيو تھ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي ھن وڏي انساني سانحي بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گھرجي، ڇا سنڌ پاڪستان جو حصو نه آھي؟ ڇا سنڌ صوبي جا ماڻهو چيف جسٽس پاڪستان جي اختياري ذمري ۾ نه ٿا اچن؟.
عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ايس ايس ٽي جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، علي محمد وڪو ۽ ٻين چيو تھ معصوم نياڻين کي زيادتي ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو، ٻارڙن کي اغوا ڪري ڌاڙيل سخت تشدد جو نشانو بڻائي وڊيو وائرل ڪري رھيا آھن، ائين ٿو محسوس ٿئي سنڌ ۾ ڀوتارن، سردارن ۽ پوليس گڏجي رياست اندر رياست قائم ڪري ڇڏي آھي…..