تازه ترين

حيدرآباد  ۾  قومي عوامي تحريڪ پاران سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرن ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو .

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

جاري ڪيل بيان ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ ۾ بدامني، لاقانونيت، ڌاڙن ۽ اغوا جا واقعا وڌي رھيا آھن، ڏوھاري ڏينهون ڏينهن   طاقتور ٿي رھيا آھن.

هن  چيو ته  پوليس ۾ موجود ڪرپٽ ماڻهو لاقانونيت جو سبب ۽ انصاف ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آھن.

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه چيو ته سنڌ ۾ جھنگ جو قانون آهي، ڪير به محفوظ نه آهي، ماڻهن جا ٻچڙا واڳن ۽ مرن جي وات ۾ آھن.

اياز لطيف پليجي چيو ته ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ کي المناڪ سانحن جي سرزمين بڻائي ڇڏيو آھي، شاھوڪار سنڌ جا  ماڻھون لاوارث بڻايا ويا آھن، سڪيورٽي رڳو حڪمرانن جي لاءِ آھي.

اياز لطيف پليجي مطالبو ڪيو ته نگران سنڌ حڪومت ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس واقعي جو نوٽيس وٺي سمورن مغوين کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.9 ° C
30.9 °
30.9 °
29 %
4.9kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون