افغان حڪومت، افغانستان ۾ رهندڙ پاڪستاني طالبان گروپ تي هٿيار کڻي هلڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.
امارت اسلامي افغانستان جي ڪمانڊر جي خوست ۾ هدايت ڏيڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.
افغان طالبان ڪمانڊر پابندي مڙهيل تنظيم اڳواڻن ۽ ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان اسان وٽ پناهگير ۽ اسان لاءِ قابل قدر آهيو پر اڄ کانپوءِ ڪنهن کي به هٿيارکڻي هلڻ جي اجازت نه هوندي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هي تبليغي حڪومت ناهي جو اوهان کي منٿون ڪيون، امارت اسلامي حاڪم هو حفاظت تي مامور آهن، امارت اسلامي جي خلاف ڳالهائيندڙ ڪو گرفتار ٿيو ته پوءِ ان بابت پڇاڻو نه ڪيو وڃي.