تازه ترين

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ پاڪستان ۽ افغانستان ۾ مقابلو اڄ ٿيندو

- Advertisement -
آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي پنجين ميچ اڄ افغانستان خلاف کيڏندي. چـِنئي جي چدم برم اسٽيڊيم ۾ ٻئي ٽيمون پاڪستاني وقت موجب منجهند ڏيڍ وڳي آمهون سامهون ٿينديون. گذريل ڏينهن قومي ٽيم جي بيٽرز مشقون ڪيون، اسامه مير، ابرار احمد، محمد نواز، سلمان علي آغا ۽ شاداب خان قومي بيٽرز کي نيٽ تي پريڪٽس ڪرائي. پريڪٽس سيشن ۾ پاڪستان ٽيم جا سمورا رانديگر موجود هئا، گوڏي ۾ انجري جو شڪار فخر زمان نيٽ پريڪٽس نه ڪئي. ٻئي پاسي پاڪستاني ٽيم اڄ افغانستان خلاف ميچ لاءِ ٽيم ۾ ڪابه تبديلي نه ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. ذريعن موجب، افغانستان خلاف ميچ ۾ آسٽريليا خلاف ميچ جي ئي ٽيم کي کيڏايو ويندو جڏهن ته شاداب خان کي فائنل اليون ۾ شامل ڪرڻ تي اتفاق ناهي ٿيو. واضع رهي ته هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 4 ميچون کيڏي چڪي آهي جنهن ۾ گرين شرٽس کي ٻن ۾ ڪاميابي ملي ۽ ٻه ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
30 %
1.7kmh
0 %
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون