نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اقليتن جو تحفظ هر مسلمان جي ذميواري آهي، ان معاملي تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، انتهاپسنديءَ جو ڪنهن به مذهب، ٻولي يا علائقي سان تعلق ناهي، جڙانوالا واقعو سماج موجود هڪ مرض جي نشاندهي ڪري ٿو، دشمن ڪن کولي ٻڌي ڇڏي ته هو سمورين شين کي چڱيءَ ريت سمجهن ٿا، هو پنهنجن ماڻهن جو تحفظ ڪري جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندا.
مسيحي برادريءَ سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جڙانوالا جو دورو ڪيو ۽ متاثرن ۾ چيڪ ورهايا.
تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته انتهاپسنديءَ جو ڪنهن به مذهب، ٻولي يا علائقي سان تعلق ناهي، جڙانوالا واقعو سماج موجود هڪ مرض جي نشاندهي ڪري ٿو.
هن چيو ته هر شهريءَ جو تحفظ يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ڪو به معاشرو عدل ۽ انصاف کانسواءِ قائم نه ٿو رهي سگهي، رياست جي دشمنن جو پهريون وار انصاف جي نظام تي هوندو آهي.
نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ مسيحي برادريءَ جو اهم ڪردار آهي، اهو دشمن ڪو ٻيو ۽ ان جو حدف ڪو ٻيو آهي.
انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته دشمن ڪن کولي ٻڌي ڇڏي ته هو سمورين شين کي چڱيءَ ريت سمجهن ٿا، هو پنهنجن ماڻهن جو تحفظ ڪري جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندا.
نگران وزيراعظم چيو ته اقليتي برادري کي يورپ ۽ آمريڪا ۾ به ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، هو مسيحي ڀائرن جي حفاظت جا ذميوار آهن، رياست سدائين مظلوم سان گڏ بيهندي.
انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هو خاطري ٿو ڪرائي ته سندن ورتاءُ لفظن کان وڌيڪ عمل سان نظر ايندو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جڙانوالا ۾ گرجا گهر به ويو ۽ چرچ جي نئين سر تعمير ۾ اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو