اليڪشن کان اڳ سمورن سياستدانن کي حفاظتي ضمانت ڪرائڻ گهرجي: پرويز الاهيءَ

spot_img
- Advertisement -

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي صدر چوڌري پرويز الاهيءَ چيو آهي ته اليڪشن کان اڳ سمورن سياستدانن کي حفاظتي ضمانت ڪرائڻ گهرجي.

اي ٽي سي ۾ پيش دوران عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه  ڪندي پرويز الاهيءَ چيوته  اليڪشن وقت سر ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته چونڊون نه ٿيڻ سان نظام بيهجي ويو آهي.

هن چيو ته اليڪشن کان اڳ هو ٻاهر اچي ويندو يا نه اهو الله ئي ڄاڻي ٿو، پر جهڙيون حالتون هلي رهيون آهن، اليڪشن کان اڳ سمورن سياستدانن کي حفاظتي ضمانت ڪرائڻ گهرجي.

پرويز الاهيءَ چيوته پي ٽي آءِ چيئرمين سان بيڪ ڊور ڳالهين بابت هو ڪجهه به نه ٿو چئي سگهي، چوڌري شجاعت سان ٻيهر ملاقات ٿيندي.

بعد ۾ پرويز الاهي کي ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ اي ٽي سي آڏو پيش ڪيو ويو، جتي عدالت ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.9 ° C
9.9 °
9.9 °
24%
1.9m/s
0%
خميس
10 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون