لاهور جي ازمير ٽائون ۾ قائم قرشي يونيورسٽيءَ ۾ اوپن ڊي اينڊ جاب فيئر 2023ع منعقد ڪئي وئي.
جاب فيئر ۾ فنانس، مارڪيٽنگ، انٽرنيشنل مارڪيٽنگ، ڪيو آر آءِ، ايگري اينڊ هارٽي، قريشي برينڊز، پرڪيورمينٽ سميت قريشي يونيورسٽيءَ جي سمورين فيڪلٽيز جا اسٽال قائم ڪيا ويا.
اوپن ڊي اينڊ جاب فيئر ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ڀرپور شرڪت ڪئي.
اسٽالن تي شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت سمورن ماڻهن کي مختلف شعبن بابت ڄاڻ فراهم ڪئي وئي.
سمورا اسٽال ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز رهيا.
اوپن ڊي اينڊ جاب فيئر 2023ع ۾ شرڪت ڪندڙن جي تفريح لاءِ مختلف راندين، انعامن ۽ کاڌن جو بندوبست ڪيو ويو.
مشهور موٽيو ويشنل اسپيڪر قاسم علي شاهه به اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ قرشي يونيورسٽيءَ جي قدم جي واکاڻ ڪئي.
