اليڪشن ڪميشن ووٽرن جي نئين ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي، ملڪ ۾ ڪـُل رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 13ڪروڙ ھڪ لک 36 ھزار 311 ٿي ويو.
جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ مرد ووٽرن جو ڪـُل انگ 7 ڪروڙ 43 ھزار 472 جڏھن ته 6 ڪروڙ 92 لک 839 ھزار عورت ووٽر آهن.
اليڪشن ڪميشن موجب 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن ۾ ووٽرن جو انگ 12 ڪروڙ 85 لک 85 هزار 760 هو.
ملڪ ۾ ارڙهن کان 35 ورهين جي رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 5 ڪروڙ 81 لک 28 هزار 145 آهي.
انگن اکرن موجب 18 کان 25 ورهين جي ووٽرن جو انگ 2 ڪروڙ 46 لک 68 هزار 10 آهي، 26 کان 35 ورهين جي ووٽرن جو انگ 3 ڪروڙ 34 لک 60 هزار 135 آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب ملڪ ۾ 36 کان 45 ورهين جي ڄمار جي ووٽرن جو انگ 2 ڪروڙ 88 لک 34 هزار 294 آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب 46 کان 55 ورهين جي ووٽرن جو انگ هڪ ڪروڙ 85 لک 78 هزار 649 آهي، 55 کان 65 ورهين جي ووٽرن جو انگ هڪ ڪروڙ 21 لک 74 هزار 431 آهي، جڏهن ته هڪ ڪروڙ 24 لک 729 ووٽرن 66 ورهين جي ڄمار ووٽر آهن.
اليڪشن ڪميشن جي موجب آبادي جي لحاظ سان سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ ووٽرن جو انگ 7 ڪروڙ 40 لک 93 ھزار 290 آھي.
سنڌ ۾ ووٽرز جو انگ 2 ڪروڙ 73 لک 25 ھزار 971 آھي، جڏھن ته خيبرپختونخواه جو انگ 2 ڪروڙ 21 لک 83 ھزار 168 ٿي ويو آھي.
ايراضي جي حساب سان پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي بلوچستان ۾ ووٽرز جي ٽوٽل انگ 54 لک 39 ھزار 666 آھي، جڏهن ته ۽ وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ ووٽرز جو انگ 10 لک 94 ھزار 216 آھي.