تازه ترين

نئين چونڊيل آمريڪي صدر ٽرمپ جي موجوده آمريڪي صدر جوبائيدن سان ملاقات

- Advertisement -
امريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ موجوده امريڪي صدر جوبائيڊن سان 2 ڪلاڪ ڊگھي ملاقات ڪئي. امريڪي ميڊيا موجب، صدارتي چونڊن کانپوءِ ٻنهي سياسي مخالفن وچ ۾ هيءَ ملاقات چونڊ مهم دوران هڪ ٻئي خلاف ڏنل بيانن کان بلڪل مختلف هئي. آمريڪي صدر جو بائيڊن ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ وائيٽ هائوس پهچڻ تي سندس آجيان ڪندي چيو ته هو واعدي موجب اقتدار جي پرامن منتقلي لاءِ تيار آهن. ان جي جواب ۾ ڊونلڊ ٽرمپ به جو بائيڊن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته سياست ڏکيو ڪم آهي، هو اقتدار جي پرامن منتقلي جي واکاڻ ڪري ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب، ڊونلڊ ٽرمپ جي وائيٽ هائوس پهچڻ تي استقبال لاءِ آمريڪي خاتون اول جل بائيڊن به جو بائيڊن سان گڏ هئي، جنهن ٽرمپ کي ميلانيا ٽرمپ لاءِ هٿ سان لکيل مبارڪباد وارو خط پڻ ڏنو. ڊونلڊ ٽرمپ 20 جنوري 2025 تي آمريڪي صدر جي عهدي جو حلف کڻندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
34.2 ° C
34.2 °
34.2 °
3 %
9.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون