تازه ترين

امريڪي صدر جوبائيڊن غزه جنگ بندي معاهدي کي امريڪا جي بهترين سفارتڪاري جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
امريڪي صدر جوبائيڊن غزه جنگ بندي معاهدي کي امريڪا جي بهترين سفارتڪاري جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو. جوبائيدن پنهنجي جاري بيان ۾ چيو ته امريڪا جي امريڪي سفارتڪاري جي ڪوششن سان اسرائيل حماس جنگ بندي معاهدو  ٿي ويو آهي. صدر جو بائيڊن موجب، کيس خوشي آهي ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت يرغمالين کي آزاد ڪيو ويندو. هن چيو ته لبنان ۾ جنگ بندي ۽ ايران کي ڪمزور ڪرڻ کانپوءِ حماس تي سخت دٻاءُ هو، تبديل ٿيل علائقي صورتحال کي نظر ۾ رکندي حماس کي جنگ بندي لاءِ مجبور ڪيو. هن چيو ته مئي ۾ پيش ڪيل جنگ بندي منصوبي کي صحيح شڪل ۾ اڳتي وڌايو هو، مصر، امريڪا ۽ قطر جي ٽياڪڙي ۾ جنگ بندي معاهدو ٿيو. امريڪي صدر جو چوڻ هو ته جنگ بندي معاهدو سندس حڪومت ۽ انتظاميا ڪرايو، عملدرآمد نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا ڪرائيندي. هن وڌيڪ چيو ته اهو معاهدو غزه ۾ ويڙهه ختم ڪندو ۽ فلسطيني شهرين کي ضروري انساني امداد فراهم ڪندو ان سان گڏ 15 مهينن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ يرغمالين کي سندن خاندانن سان ٻيهر ملائيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
9 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
30.8 ° C
30.8 °
30.8 °
29 %
1.9kmh
6 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون