وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار کي منصوبن لاءِ رقم مڪمل ۽ وقت تي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

- Advertisement -
وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار کي منصوبن لاءِ رقم مڪمل ۽ وقت تي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سنڌ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ۾ شامل ترقياتي منصوبن جو تفصلي جائزو ورتو ويو. گڏجاڻي ۾ اتفاق ڪيو ويو ته منصوبا منظور ٿيل لاڳت ۽ مقرر وقت تي مڪمل ٿيڻ  سنڌ جي ترقي ۽ عوامي ڀلائيءَ لاءِ اڻٽر آهي. نائب وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت سمورن منظور ٿيل منصوبن لاءِ فنڊن جي مڪمل ۽ وقت سر فراهمي يقيني بڻائيندي. اسحاق ڊار چيو ته منصوبن جي لاڳت ۾ ڪنهن به اضافي تي سي ڊي ڊبليو پي ۽ اي سي سي  ۾ فوري طور غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، صوبائي وزيرن،  چيف سيڪريٽري ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.2 ° C
21.2 °
21.2 °
53%
1.4m/s
0%
آچر
21 °
سُومر
28 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون