تازه ترين

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل کي 2 هزار پائونڊ وزني بم فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل کي 2 هزار پائونڊ وزني بم فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب، امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل کي 2 هزار پائونڊ وزني بم فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏيندي چيو ته اسرائيل کي اڄ ئي اهي ڏنا ويندا، هو ڊگھي عرصي کان ان جو انتظار ڪري رهيا هئا. صحافين ٽرمپ کان سوال ڪيو ته اسرائيل کي بم فراهمي تي لڳايل پابندي ڇو هٽائي پئي وڃي جنهن تي امريڪي صدر جواب ڏنو ته هنن خريد ڪيا ان لاءِ ئي پابندي هٽائي آهي. ٻئي پاسي امريڪي صدر طرفان 2 هزار پائونڊ جا وزني بم فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ٽرمپ جو شڪريو اداڪيو. نيتن ياهو پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ چيو ته هو اسرائيلي دفاع لاءِ حمايت تي صدر ٽرمپ جا ٿورائتا آهن، پنهنجي گڏيل دشمنن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ضروري هٿيار ڏيڻ جو واعدو پورو ڪرڻ تي به اوهان جو ٿورائتو آهي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اڳوڻي بائيڊن انتظاميا غزه ۾ شهرين تي اسرائيلي بمباري تي بمن جي فراهمي روڪي هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
6 %
6.5kmh
0 %
سُومر
29 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون