- Advertisement -
سينيٽ جو اجلاس ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ اڄ ٻيهر شروع ٿيندو، 16 نقاطي ايجنڊا جاري ڪيو ويو.
اجلاس ۾ مينٽل هيلٿ ترميمي بل 2025 ۽ ليگل پريڪٽيشنز اينڊ بار ڪائونسل ترميمي بل 2025 متعارف ڪرايا ويندا.
ايجنڊا ۾ بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال تي بحث لاءِ رٿ به شامل آهي.
ان کان علاوه ملڪ ۾ ايئرپورٽن تي سول ايوي ايشن اٿارٽي جي خراب ڪارڪردگي تي بحث به ايجنڊا جو حصو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ لاڳيتي اضافي به بحث ٿيندي.
سينيٽ اجلاس ۾ “اڙان پاڪستان” پلان تي بحث به ايجنڊا ۾ شامل آهي.- Advertisement -
