تازه ترين

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ امريڪا ۽ يورپي يونين وچ ۾ واپاري معاهدي جو اعلان

- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ امريڪا ۽ يورپي يونين وچ ۾ واپاري معاهدي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسڪاٽ لينڊ ۾ يورپي ڪميشن جي سربراهه اُرسلا وان سان ملاقات بعد ٽرمپ اعلان ڪيو ته سڀني کي مبارڪ هجي، امريڪا ۽ يورپي يونين وچ ۾ واپاري معاهدو ٿي ويو. امريڪي صدر چيو ته هو هڪ معاهدي تي پهچي چڪا آهن جيڪو سڀني لاءِ سٺو هوندو، يورپي شين تي 15 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو هوندو ۽ يورپي يونين امريڪي فوجي سامان خريد ڪندو. ٽرمپ چيو ته يورپي يونين امريڪي توانائي جي شعبي کان 750 ارب ڊالر جي خريداري ۽ امريڪا ۾ 600 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو. امريڪي صدر موجب، يورپي يونين سان واپاري معاهدو هن وقت تائين جو سڀ کان وڏو معاهدو آهي، معاهدو گاڏين جي لاءِ سٺو ثابت ٿيندو ۽ ان سان زراعت تي به اثر پوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ 27 ڀيرو پاڪ ڀارت جنگ ختم ڪرائڻ جو ڪريڊٽ پاڻ کي ڏنو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت وڏي جنگ جي ويجهو هئا، هن ٻنهي ملڪ سان واپار لاءِ ڳالهيون ڪري جنگ روڪرائي. ان موقعي تي يورپي ڪميشن سربراهه اُرسلا وان چيو ته واپاري معاهدو استحڪام آڻيندو، سمورن شعبن تي 15 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو هوندو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
4 %
7.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون