- Advertisement -
ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته آئيني ترميمي بل آڻڻ ته پري جي ڳالهه آهي، حڪمرانن اهو سوچيو به ڪيئن ته سندن هوندي اهڙو بل پيش ڪري سگهندا؟
رحمت العالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته آئيني ترميم آڻيندڙن کي شرم اچڻ گهرجي.
علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته اهي هنن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا، اهو جمهوريت مٿان هڪ حملو آهي ۽ اهي اهڙو حملو ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.
هن چيو ته جيڪي پاڻ کي جمهوري پارٽيون چون ٿا هنن کي شرم اچڻ گهرجي، اهڙي قسم جو بل آڻڻ ته پري جي ڳالهه آهي، هنن اهو سوچيو به ڪيئن ته جمهوريت هوندي ان طرح جو بل ۽ شرطون آڻي اهي ڪامياب ٿي ويندا؟
هن چيو ته اهي هنن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا، هو عدليا سان گڏ بيٺل آهن، پهريان هنن کي پارليامينٽ پوءِ عدليا ۾ شڪست ڏيندا.
علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته اهي پنهنجي جائز حق لاءِ سمورا آئيني حق استعمال ڪندي ان قسم جو بل پاس ٿيڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪنهن کي جرئت به نه ٿيندي ته اهڙو بل پيش ڪري سگهي.- Advertisement -
