اسان جي تعليمي نظام ۾ سيرت النبي صلعم جو وڌيڪ ذڪر هئڻ گهرجي:اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته اسان جي تعليمي نظام ۾ سيرت النبي صلعم جو وڌيڪ ذڪر هئڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ سيرت النبي صلعم ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته اڄوڪو ڏينهن سڀني مسلمانن لاءِ اهم آهي، هن پوري مسلمان امت کي مبارڪ ڏني. هن چيو ته اسان جي تعليمي نصاب ۾ سيرت النبي صلعم جو ذڪر وڌيڪ هئڻ گهرجي، اسلام ۾ تعليم جي تمام گهڻي اهميت آهي، اڄ جو موضوع “رياست جو تعليمي نظام نبي صلعم جي روشني ۾” آهي، علم ئي اها روشني آهي جيڪا هدايت جو رستو ڏيکاري ٿي. هن چيو ته علم ئي اها روشني آهي جيڪا انسان کي سٺي ۽ خراب ۾ فرق سيکاري ٿي، بنيادي ديني تعليم هر مسلمان لاءِ ضروري آهي، تعليمي نظام کي جديد سائنسي بنيادن تي ٻڌل هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته ماضيءَ ۾ عرب کان چين وڃڻ ته خواب ئي هوندو، حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته علم حاصل ڪرڻ لاءِ چين وڃڻ کان به نه ڪيٻايو. هن چيو ته غير اسلامي ملڪن ۾ انصاف تي عمل ڪيو ويندو آهي، ترقي، خوشحالي ۽ ڪاميابي انصاف سبب ئي نصيب ٿيندي آهي، اسان کي اسلام جي بنيادي اصولن تي رهندي خال ڀرڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.5 ° C
20.5 °
20.5 °
61%
2.3m/s
0%
اربع
31 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون