تازه ترين
تنگواڻيءَ ۾ جسقم ۽ جساف پاران ٺل واسي معظم نوناري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ  جي اجلاس دوران فاطمه ڦرڙو جي ڊي اين اي سيمپلن ۾ ٽيمپرنگ ٿ... سنڌ جي مختلف شھرن ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل پيسن مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ڏهين درجي جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليم وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ ر... سکر ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ڪوچ جي ڪلينر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ط... سنڌ هائيڪورٽ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت واري رقم جي واپسي باب...

اوهان جڙانوالا واقعي ۾ مذهبي سازشن کي وائکو ڪري سگهو ٿا: جاويد لطيف

مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته اوهان جڙانوالا واقعي ۾ مذهبي سازشن کي وائکو ڪري سگهو ٿا، اهڙي طرح ملڪ ۽ رياست خلاف سازشن کي به وائکو ڪرڻو پوندو، ملڪ ۾ ٿيندڙ فيصلن سان رياست کي نقصان ٿي رهيو آهي، جيستائين سازش کي وائکو نه ڪيو ويندو معاملا ٺيڪ نه ٿيندا، مهانگائي جي ٻوڏ عوام کي کائي رهي آهي، بجلي جي بلن ۾ ٻه ٽي رپيا يونٽ گهٽ ڪرڻ سان معاملو حل نه ٿيندو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته اڄ هر گهر ۾ عدم استحڪام وڌي رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بلن خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن، هن سازش پٺيان لڪل ذميوارن کي سامهون آڻڻ تائين ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو.

سندس چوڻ هو ته رياست کي نقصان پهچائيندڙ فيصلن کي عوام آڏو آڻڻو پوندو، 75 ورهين ۾ اڄ تائين ملڪ ۾ ايتريون درخواستون ڪنهن لاءِ عدالتن ۾ ناهن ويون.

مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته انصاف ڏيندڙ قابل احترام شخصيت قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو، اڄ تائين چيو پيو وڃي نواز شريف ملڪي آئين ۽ قانون کي منهن ڏئي.

هن چيو ته ڇا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان انصاف ٿيو هو؟، ڇا نواز شريف خلاف سازش ڪندڙ ڪردار وائکا ٿي چڪا آهن، اوهان اڄ به انهن ڪردارن کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ لاءِ تيار ناهيو.

مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته ملڪ خلاف سازشون ڪندڙن کي عوام آڏو آڻڻ رياستي ادارن جي سربراهن جي ذميواري آهي، 2017ع جي ڪردارن کي به عوام آڏو آندو وڃي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,163FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
7 %
3.4kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون