- Advertisement -
ايراني اختيارين مختلف صوبن ۾ ڪارروايون ڪري داعش جي 14 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايراني ميڊيا موجب تهران، البرز، فارس ۽ خوزستان صوبن مان داعش سان تعلق رکندڙ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب داعش خراسان سان تعلق رکندڙ 7 دهشتگردن کي فارس ۽ ٻين 7 دهشتگردن کي ٻين ٽن صوبن مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
خبر ۾ ايراني وزارت انٽيليجنس جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته داعش خراسان جا دهشتگرد حملي جي ارادي سان ڪجهه ڏينهن اڳ ايران ۾ داخل ٿيا هئا.
خابرو اداري موجب اختيارين جو چوڻ آهي ته جاچ بابت وڌيڪ تفصيل بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.- Advertisement -
