اتر عراق ۾ ترڪي جي ڊرون حملي ۾ ڪردستان ورڪرز پارٽي (پي ڪي ڪي) جا ٽي ميمبر مارجي ويا

- Advertisement -
اتر عراق ۾ ترڪي جي ڊرون حملي ۾ ڪردستان ورڪرز پارٽي (پي ڪي ڪي) جا ٽي ميمبر مارجي ويا. عراقي ڪردستان جي دهشتگردي جي خاتمي واري سروس موجب، اتر عراق ۾ ترڪ ڊرون حملي ۾ ڪردستان ورڪرز پارٽي جا ٽي ميمبر مارجي ويا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ڪي ڪي سان تعلق رکندڙ هڪ گاڏي کي سليمانيه شهر ويجهو ڊرون حملي سان نشانو بڻايو ويو. حملي ۾ پي ڪي ڪي جو هڪ سينيئر ميمبر، سندس ڊرائيور ۽ هڪ گارڊ مارجي ويا. واضح رهي ته 1984ع ۾ ترڪ رياست خلاف ڪردستان ورڪرز پارٽي جي هٿياربند بغاوت کانپوءِ ترڪي طرفان اتر عراق ۾ پي ڪي ڪي جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو هلندو پيو اچي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
40%
3.7m/s
0%
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون