ايران جو صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جو دورو مڪمل ڪري سريلنڪا پهچي ويو آهي.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کيس مهمان کي الوداع ڪيو.
ايراني صدر جي دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ ياد داشتن تي صحيحون ٿيون.
ان کان علاوه ايراني صدر رئيسي صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، چيئرمين سينيٽ، اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.
پرڏيهي مهمان ڪراچي ۾ مزار قائد ۽ لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي حاضري پڻ ڀري، ابراهيم رئيسي ڪراچي ۾ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان به پڻ ملاقات ڪئي.
رات ڪراچي ۾ ترسڻ کانپوءِ صبح سوير ايراني صدر سريلنڪا لاءِ روانو ٿيو هو.