- Advertisement -
ايران جي شهر يزد ۾ پاڪستاني زائرين جي بس کي حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 35 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.
ايراني ميڊيا موجب زائرين سان ڀريل بس دهشير تفتان چيڪ پوسٽ پوائنٽ سامهون ڪلٽي ٿي پئي، جنهن کانپوءِ بس کي باهه وڪوڙي وئي.
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته بس ۾ 53 زائرين، هڪ ڊرائيور ۽ ڪڊيڪٽر سوار هئا، جن مان35 ڄڻا فوت ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ايراني ميڊيا موجب، امدادي ٽيمون زخمين ۽ فوتين جا لاش ٻاهر ڪڍڻ ۾ مصروف آهن جڏهن ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي مولانا قمر عباس نقوي جو چوڻ ته سمورن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،بس ۾ 14 عورتن سميت 50 ڄڻا سوار هئا.
مولانا قمر عباس نقوي موجب، بس لاڙڪاڻي کان رواني ٿي هئي، فوتين جو تعلق تعلق لاڙڪاڻي، ڪنڌڪوٽ ۽ گھوٽڪي سان ٻڌايو پيو وڃي…….- Advertisement -
