اسماعيل هانيه جي شهادت تي اسرائيل خلاف ايران جي بدلي وٺڻ جو انتظار ڊگھو ٿي سگھي ٿو : ترجمان ايراني پاسداران انقلاب

spot_img
ايراني پاسداران انقلاب جي ترجمان محمد علي چيو آهي ته اسماعيل هانيه جي شهادت تي اسرائيل خلاف ايران جي بدلي وٺڻ جو انتظار ڊگھو ٿي سگھي ٿو، دشمن کي اسانجي صحيح جواب جو انتطار ڪرڻو پوندو. ترجمان جو چوڻ آهي ته وقت سندن حق ۾ آهي ۽ سندس رد عمل جو انتظار ڊگھو ٿي سگھي ٿو. هن چيو ته غزه جنگ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي ماڻهن جي مدد جي ڪنهن به قدم جي حمايت ڪيون ٿا پر ڪنهن به سياسي اڳڀرائي جو اسرائيل سان سندس پلاند وٺڻ جي حق جو ڪو تعلق ناهي. علي محمد جو چوڻ هو ته ايران امريڪي قدمن کي خاص نٿو سمجهي ڇاڪاڻ ته امريڪا غزه جنگ ۾ پاڻ به ڌر آهي. ياد رهي ته حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه کي تهران ۾ 31 جولاءِ تي حملي ۾ شهيد ڪيو ويو هو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.8 ° C
9.8 °
9.8 °
27%
1.8m/s
0%
اربع
10 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون