ايران ۾ بي ايل ايف جي ٿاڪن تي پاڪستاني اسٽرائيڪس ۾ مارجي ويل دهشتگردن جا تفصيل سامهون اچي ويا

- Advertisement -
ايران ۾ بي ايل ايف جي ٿاڪن تي پاڪستاني حملي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جا شروعاتي تفصيل سامهون اچي ويا. تفصيلن موجب ايران ۾ پاڪستاني حملي ۾ مارجي ويل دهشتگردن ۾ دوسته عرف چيئرمين، ساحل عرف شفق، محمد وزير عرف وازو، سرور ولد اصغر ۽ بجار عرف سوغات شامل آهن. مارجي ويل دهشتگرد دوست عرف چيئرمين پنجگور ضلعي جو رهواسي هو. دهشتگرد دوسته عرف چيئرمين 2013ع ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ ۾ شامل ٿيو، هو بي ايل ايف ڪمانڊر فضل شير عرف طاهر گروپ جو ميمبر هو. مارجي ويل  سمورا دهشتگرد ڪافي عرصي کان بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا. دهشتگرد دوسته 20 سيپٽمبر 2019 تي اسڪول ۽ ايف سي پوسٽ تي حملي ۾ ملوث هو، ڄاڻايل دهشتگرد گذريل سال 12 اپريل 2023 تي ايف سي جي قافلي کي به نشانو بڻايو هو. مارجي ويل دهشتگردن ۾ پنجگور ضلعي جو رهواسي سرور ولد اصغر عرف بشام به شامل آهي. مارجي ويل دهشتگرد محمد وزير عرف وازو 14-2013ع ۾ بلوچ ريپبلڪن آرمي ۾ شامل ٿيو، جنهن بعد ۾ 2019ع ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي. دهشتگرد وزير عرف وازو 4 مارچ 2023 تي پل ناڪا پوسٽ تي گرنيڊ حملو ڪيو. مارجي ويل دهشتگرد بجر عرف سوغات 2016ع کان بي ايل ايف جو حصو هو، دهشتگرد بجر 7 مارچ 2023ع تي نذير پٽ بهرام کي سندس گهر مان اغوا ڪيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.4 ° C
23.4 °
23.4 °
39%
2.1m/s
10%
ڇنڇر
23 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون